انو سولنگي

انو سولنگي

انو سولنگي

اَنُو سولنگي: مشھور فنڪار، اداڪار، صداڪار، ليکڪ ۽ شاعر انو سولنگي جو اصل نالو محمد انور ولد محمد عمر سولنگي آھي. 08 آگسٽ 1977ع تي، پنھنجي ناناڻي گهر حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس اصل ڳوٺ شيخ ڀرڪئي لڳ جمعو سولنگي (تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو محمد خان) آھي. تعليم ايم.اي سنڌي اٿس. ڳائڻ جي شروعات 1985ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان، ’ٻارڙن جي ٻاري‘ پروگرام کان ڪئي، جتي پوءِ ھن چائلڊ صداڪار طور ڪيترن ئي ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. آڊيو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪمپنين ۾ رڪارڊسٽ طور ھن ڪيترن ئي فنڪارن جون آڊيو وڊيو ڪيسٽون رڪارڊ ڪيون. راڳ جي سکيا ھِن استاد مٺو ڪڇيءَ جي گهراڻي مان استاد خدابخش ڪڇيءَ کان ۽ پوءِ استاد ذوالفقار علي ۽ استاد مظھر حسين کان حاصل ڪئي. ماھوار ’ادب‘، ’گلستان‘ ۽ ’سنڌي ٻارڙا‘، رسالن ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. ڪيترن ئي گمنام ڪردارن سگهڙن، شاعرن فنڪارن ۽ سماجي ڪارڪنن جي زندگي ۽ ڪم بابت لکيل سندس تفصيلي خاڪا ۽ انٽرويو مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي چڪا آھن. شوبز جي حوالي سان ڪيترن ئي ڊرامن، ٽيلي فلمن ۽ ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي. روزگار جي حوالي سان ڪِن غير سرڪاري تنظيمن ۽ اشاعتي ادارن ۾ پڻ ڪم ڪيو. اڪثر علمي ادبي پروگرامن جي شروعات ھن جي ڳايل وائي سان ٿيندي آھي. گراموفون ريڊيو اسپول ٽيپ ۽ آڊيو وڊيو ڪئسٽن کي ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري ھن راڳ بابت تمام گهڻي معلومات گڏ ڪئي آھي. بين الاقوامي سطح تي ڪم ڪندڙ اداري Forum World Peace جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رھيو آھي. فقرائي سٿ حيدرآباد جي پليٽ فارم تان سماجي ڀلائين جي ڪمن ۾ به اڳڀرو نظر ايندو آھي.


لفظ انو سولنگيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1977.08.08  عيسوي

مشھور، فنڪار، اداڪار، صداڪار، ليکڪ ۽ شاعر انو سولنگي جو اصل نالو محمد انور ولد محمد عمر سولنگي آھي. 08 آگسٽ 1977ع تي، پنھنجي ناناڻي گهر حيدرآباد ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

فدا سرهيو
رئيساڻي اسلم خان
احفاظ الرحمان
چشتي حڪيم شمس الدين
ابو زيد حسن سيرافي
درويش مريد بلوچ
چانڊيو حڪيم محمد عالم
خانبهادر غلام محمد خان وساڻ
چوچڪ بيگم
ڇٻلاڻي منگهارام
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون